ڪورونا جي مرڪز ووهان ۾ زندگي جون رونقون بحال ٿيڻ لڳيون

0
576

ڪراچي (ڊيسڪ رپورٽ) دنيا ۾ ڪورونا وائرس جي پکيڙ جو مرڪز سمجهيو ويندڙ چين جي شهر ووهان ۾ زندگي جون رونقون بحال ٿيڻ لڳيون، پرڏيهي ميڊيا موجب ووهان شهر ۾ منعقد ڪيل ميوزڪ فيسٽيول ۾ هزارين ماڻهن شرڪت ڪئي، جڏهن ته فيسٽيول ۾ شريڪ ڪيترن ئي ماڻهن ماسڪ پائڻ به گوارا نه ڪيو، واضح رهي ته دنيا ۾ سڀ کان پهرين ڪورونا جو ڪيس نومبر 2019 ۾ چين جي شهر ووهان ۾ سامهون آيو هو، ڪورونا وبا جي ڪري ووهان جون حالتون ايتري قدر خراب ٿي ويون هون جو شهر کي مڪمل طور تي بند ڪيو ويو هو.