ڪورونا جي علاج لاءِ گوري استعمال ڪرڻ جي اجازت ملي وئي

0
795

ڪراچي(م ڊ) آمريڪي اداري فوڊ اينڊ ڊرگ ايڊمنسٽريشن ڪورونا جي علاج لاءِ گوري استعمال ڪرڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي، جنهن حوالي سان آمريڪا دواساز ڪمپني سان 5.3 ارب ڊالر جو معاهدو ڪري ورتو

 ايف ڊي اي جو چوڻ آهي ته مريضن کي پيڪس لووڊز ٽيبليٽ ڏينهن ۾2 ڀيرا 5 ڏينهن تائين کائڻي پوندي، ٽيبليٽ جي شڪل ۾دوا کي عالمي سطح تي ڪورونا خلاف اثرائتو قرار ڏنو پيو وڃي ۽ بيماري جي شدت کي 90 سيڪڙو گهٽائي سگهي ٿي