ڪورونا جا ڪيس ۽ اسان جون ذميواريون

0
463
سنڌ حادثاتي موتن جو ميدان

ڪجهه وقت کان وٺي پنجاب ۽ ڪي پي ۾ جنهن انداز ۾ ڪورونا پکڙجي رهيو هو ان کي ڏسندي حڪمرانن توڙي عوام کي ان کان بچڻ لاءِ اهڙا ئي حفاظتي قدم کڻڻ گهرجن ها پر نه حڪومتن ۽ نه ئي عوام سنجيدگي جو مظاهرو ڪيو ،ميڙاڪن جي اها ئي حالت هئي،ماسڪ کي ڪير پڇي ئي نه پيو ،سماجي فاصلو رکڻ جي ڪنهن کي پرواهه ئي نه هئي جنهن ڪري هاڻي وفاقي حڪومت پاڻ مڃي رهي آهي ته جيڪڏهن عوام سهڪار نه ڪيو ۽ انتظاميا هدايتن تي مڪمل عمل نه ڪيو ته لاڪ ڊائون کانسواءِ ٻيو ڪو چارو نه بچندو.
ڪورونا جي ٽين لهر وڌيڪ خطرناڪ صورتحال اختيار ڪندي پئي وڃي .ڪجهه وقت اڳ تائين سنڌ ۾ مثبت ڪيسن جي شرح گهٽ هئي پر هاڻي هتي به ڪيسن ۾ ڳڻتي جڳو اضافو ٿيڻ شروع ٿيو آهي، ڪراچي ۾ ڪورونا ڪيسز جي مثبت اچڻ جي شرح 13 سيڪڙو، جڏهن ته حيدرآباد ۾ 14 سيڪڙو تي پهچي چڪي آهي، جڏهن پنجاب ۽ ڪي پي ۾ ڪوورنا جا ڪيس وڌي رهيا هئا ته ان وقت ئي سنڌ حڪومت اها تجويز ڏني هئي ته سنڌ ۽ پنجاب وچ ۾ اچ وڃ جا سمورا ذريعا بند ڪيا وڃن يا محدود ڪيا وڃن پر نه ڄاڻ الائي ڪهڙن سببن جي ڪري اهو فيصلو نه ڪيو ويوجنهن ڪري سنڌ ۾ به هاڻي ڪورونا تيزي سان پکڙجي رهيو آهي .
ڪورونا کي پهرين ڏينهن کان ئي موجوده وفاقي حڪومت غير سنجيدگيءَ سان ورتو ، سڀ کان وڏي غيرسنجيدگي اها ته عوام اندر ان ايڏي خطرناڪ بيماري کي عام ڪري پيش ڪيو ويو، جڏهن ته حڪومتي اختياريون ان ڳالهه کان بخوبي واقف هيون ته خطرو تمام وڏو آهي ۽ سنڀالڻ سندن وس جي ڳالهه ناهي.گذريل سال ڪورونا جي ظاهر ٿيڻ کانپوءِ سڀ کان اهم پهلو احتياط ۽ آگاهي هئي، جنهن ۾ حڪومت مڪمل طور ناڪام نظر آئي، جنهن کانپوءِ اها اميد ظاهر ڪئي پئي وئي ته گهٽ ۾ ويڪسين جي حاصلات لاءِ ڪي سنجيده قدم کنيا ويندا پر اتي به ساڳي سستي نظر آئي، جيڪا ويڪسين گذريل سال ڊسمبر ۽ جنوري ۾ اچڻ گهرجي ها، اها ويڪسين مارچ مهيني ۾ وڃي ميسر ٿي،جنهن جي لڳائڻ ۾ به اها ڦڙتي نظر نه پئي اچي ته جلد کان جلد وڌ کان وڌ ماڻهن کي ويڪسين لڳائڻ کي يقيني بڻايو وڃي،جڏهن ته خانگي طور ويڪيسن جي مهانگي اگهه تي وڪري جي اجازت ڏيڻ تي به سوال اٿڻ شروع ٿيا جيڪا ڳالهه حڪومت جي غيرسنجيدگي کي ظاهر ڪري رهي هئي، صاف نظر اچي رهيو آهي ته بيماري تي ضابطو آبادي جي مڪمل ويڪسينيشن جي عمل کانسواءِ ناممڪن آهي، پر تنهن باوجود حڪومت جي ڪا به سنجيدگي نظر نه پئي اچي. هن وقت صورتحال اها آهي جوڪورونا وائرس جو برطانوي ۽ ڏکڻ آفريڪي قسم ڪي پي ۽ پنجاب کانپوءِ سنڌ ۾ به ظاهر ٿيو آهي جنهن تي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ ڪي به سهولتون ميسر ناهن، صحت جي نظام ۾ دم ناهي ۽ ملڪ جي ٻه سيڪڙو آباديءَ کي به ويڪسين ناهي لڳي، ويڪسين حاصل ڪرڻ لاءِ ويجهي مستقبل ۾ ڪا به وڏي اڳڀرائي ٿيندي نظر نه پئي اچي، ڇاڪاڻ ته جن ملڪن ۾ ويڪسين ٺهي رهي آهي، اهي پهرين پنهنجن ملڪن ۾ پورائو ڪندا، ان کانپوءِ هو خريدارن کي وڪرو ڪندا، ان صورتحال ۾ اسان جهڙن ملڪن وٽ هڪ ڀيرو پابندين ۾ سختين کانسواءِ ڪو چارو نه ٿو رهي، حڪمرانن جو اهو منطق آهي ته ڪاروبار بند نه ٿو ڪري سگهجي ڇاڪاڻ ته ان سان بيروزگاري وڌندي، پر شهر بند نه ٿا ڪجن ۽ پابندين ۾ سختي نه ٿي ڪجي ته پوءِ ڪوورنا جي ڦهلاءُ کي ڪيئن روڪي سگهبو .
اسان سمجهون ٿا ته جتي اها حڪومت جي ذميواري آهي ته اهي پنهنجي فيصلن تي سختي سان عمل ڪرائين اتي عوام جو به فرض ٿئي ٿو ته پنهنجي ۽ ٻين شهرين جي حياتين کي محفوظ بڻائڻ لاءِ حڪومت جي سختي کان اڳ احتياط کان ڪم وٺن،جيئن انهي وبا کي تيزي سان ڦهلجڻ کان روڪي سگهجي .