ڪورونا جا ڪيس: ڪشمور جو ڳوٺ 5 ڏينهن لاءِ سيل

0
279
پاڪستان ۾ ڪورونا

ڪشمور: ڊپٽي ڪمشنر ڪشمور ايٽ ڪنڌڪوٽ منور علي مٺياڻي ڪشمور ضلعي جي مختلف علائقن ۾ ڪرونا وائرس جي ڪيسن ۾ واڌ بعد ڪشمور جي ڳوٺ محمد ابراهيم کوسو ۾ پنجن ڏينھن لاءِ سمارٽ لاڪ ڊائون لڳائي ڳوٺ کي سيل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. ڊپٽي ڪمشنر آفيس هڪ ليٽر جاري ڪندي ڳوٺ محمد ابراهيم کوسو ۾ 7 ڄڻن جون ٽيسٽ رپورٽون پازيٽو اچڻ بعد قلم 188 لاڳو ڪيو آهي. ڊپٽي ڪمشنر ڪشمور منور علي مٺياڻي جو چوڻ آهي ته انهن علائقن جي ماڻهن کي گهرجي ته سنڌ حڪومت جي جاري ڪيل ايس او پيزتي عمل ڪن، هن وبا تي ايس او پيز تي عمل ڪري ئي ضابطو آڻي سگهجي ٿو.