اسلام آباد (بيورورپورٽ) سڄي ملڪ ۾ ڪورونا ڪيسز وري وڌڻ لڳا، هاڪاري ڪيسز جي شرح 1.77 سيڪڙو  تائين پهچي وئي. صحت جي قومي اداري موجب سڄي ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا جون 12 هزار 906 ٽيسٽون ڪيون ويون جن مان 151 ڄڻن ۾ ڪورونا جي تصديق ٿي آهي. هاڪاري ڪيسز جي شرح 1.77 سيڪڙو رهي، ڪورونا سبب 58 ڄڻا ڪرٽيڪل ڪيئر ۾ آهن. صحت کاتي موجب اسلام آباد  ۾ ڪورونا جون 1567 ٽيسٽون ڪيون ويون، جنهن دوران 48 ڄڻن ۾ ڪورونا جي تصديق ٿي آهي، جڏهن ته ڪورنا هاڪاري ڪيسز جي شرح 3.06 سيڪڙو تائين پهچي وئي آهي.