اسلام آباد (شوبز نيوز) ڪورونا ايس او پيز جي ٻٽي معيار تي مداحن ريشم کي سخت تنقيد جو نشانو بنايو آهي.ڪجهه وقت اڳ صدارتي ايوارڊ ماڻيندڙ پاڪستاني اداڪاره ريشم خبرن جي زينت بڻجي وئي آهي .ايوارڊ ملڻ تي مداحن هن جي ڪافي تعريف ڪئي ته شوبز جي ئي ڪجهه ماڻهن ان کي ملندڙ صدارتي ايوارڊ تي سوال اٿاري ڇڏيا.ريشم لاهور کان اسلام آباد وڃي رهي هئي جتي هن رستي ۾ ڏٺو ته هڪ وڏي انگ ۾ ماڻهو بيٺل هئا جيڪي ڪورونا ايس او پيز جو خيال نه رکي رهيا هئا. ڪورونا ايس او پيز جي ڀڃڪڙي ڪرڻ تي اداڪاره وڊيو به شيئر ڪئي.ٻئي طرف اداڪاره جي هڪ اهڙي وڊيو وائرل ٿي رهي آهي جنهن ۾ هو سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير فواد چوڌري جي سالگره جي تقريب ۾ ٻين ساٿي اداڪاائن سان گڏ موجود آهي ۽ پاڻ به ڪورونا ايس او پيز جو خيال ناهي رکي رهي.مداحن چيو ته هي بس مان لهندڙ مسافرن کي ته ڪورونا ايس او پيز جو چئي رهي آهي پر هي پاڻ ڪورونا ايس او پيز کي فالو ناهي ڪري رهي.هڪ ٻئي مداح چيو ته هاڻ ماسڪ ڪٿي آهي ۽ ڪورونا ايس او پيز به. جڏهن ته هڪ ٻئي صارف چيو ته هي ته ٻٽو معيار آهي.