ڪورونا: آسٽريليا ڀارت کان شهرين جي وطن واپسي کي ڏوهه قرار ڏئي ڇڏيو، سزا جو اعلان

0
474

ڪراچي (ڊيسڪ رپورٽ) ڀارت ۾ ڪورونا جي بدترين صورتحال کي ڏسندي آسٽريلوي حڪومت ڀارت ۾ موجود پنهنجي شهرين کي وطن واپسي تي پابندي مڙهيندي ان کي ڏوهه قرار ڏئي ڇڏيو، پرڏيهي خابرو اداري موجب آسٽريلوي حڪومت فيصلو ڪيو آهي ته ڀارت ۾ موجود پنهنجي شهرين کي وطن واپسي تي کين سزائون ڏنيون وينديون، ڀارت کان جيڪو به وطن واپس ويندو ته ان کي 5 سال جيل ۽ وڏو ڏنڊ وڌو ويندو، جڏهن ته هن کان ٻنهي ملڪن طرفان سفر تي عارضي پابندي به مڙهي وئي هئي، آسٽريلوي صحت واري وزارت جو چوڻ آهي ته هي فيصلو قرنطينه ۾ موجود ماڻهن جي تناسب جي بنياد تي ڪيو ويو آهي جيڪي ڀارت ۾ ڪورونا کان متاثر ٿي چڪا آهن، پرڏيهيي ميڊيا موجب ڀارت ۾ تقريبن 9 هزار آسٽريلوي شهري موجود آهن جن مان 6 سئو شهرين جي هالت خراب آهي، واضح رهي ته هي پهريون ڀيرو آسٽريليا جي حڪومت پنهنجي شهرين جي وطن واپسي کي ڏوهه قرار ڏنو آهي.