ڪراچي(شوبز نيوز)پاڪستاني اداڪارا صنم سعيد ايئرپورٽن تي اڻپورين سهولتن تي ناراض ٿي وئي. تفصيل موجب اداڪارا صنم سعيد لاهور ۽ ڪراچي ايئرپورٽن تي سهولتن بابت ٽويٽ ڪئي آهي جنهن ۾ هن لکيو آهي ته ٻنهي ايئرپورٽن تي ڪورونا جي حوالي سان ڪنهن به قسم جي چڪاس نٿي ٿئي. صنم سعيد چيو ته ايئرپورٽن تي بخار چيڪ ڪرڻ جا به انتطام نه ڪيا ويا آهن.