ڪراچي(رپورٽ: شاهد ميراڻي) ڪورنگي ۾ 1960ع کان قائم ٿيل واٽر بورڊ جي پمپنگ اسٽيشن جي ڪروڙين رپين جي ايراضي تي فيڪٽري مالڪن پاران قبضي جي ڪوشش، واٽر بورڊ جي اختيارين قبضي جي ڪوشش خلاف اختيارين کي آگاهي ڏيندڙ سپرنٽينڊنگ انجنيئر کي هٽائي رپورٽ ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، ان حوالي سان مليل ڄاڻ موجب ڪراچي واٽر بورڊ جي محمود آباد واري ايراضي کانپوءِ ڪورنگي ۾ پمپنگ  اسٽيشن واري ڪروڙين رپين جي ايراضي تي به فيڪٽري مالڪن پاران قبضي جي ڪوشش شروع ڪئي وئي ، جڏهن ته واٽر بورڊ جي لينڊ واري شعبي پاران واٽر بورڊ جي ملڪيت واري ايراضي جو رڪارڊ به غائب ڪري ڇڏيو، ان حوالي سان مليل ڄاڻ موجب واٽر بورڊ جي اختيارين فيڪٽري مالڪن جي قبضي واري ڪوشش بابت آگاهي ڏيندڙ سپرنٽينڊنگ انجنيئر اياز تنيو کي هٽائي سندس جاءِ تي جڳديش ڪمار کي مقرر ڪيو ويو آهي، ٻئي طرف واٽر بورڊ جي ڊائريڪٽر لينڊ پاران پمپنگ اسٽيشن واري زمين جو لينڊ رڪارڊ موجود نه هجڻ جو اعتراف ڪندي چيو ويو آهي ته ڄاڻايل پمپنگ اسٽيشن ڪيترائي ڏهاڪا پراڻي قائم ٿيل آهي، اسان لاڳاپيل اختيارين کي لينڊ  رڪارڊ فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي