ڪراچي ( اسٽاف رپورٽر ) پي ايس پي جي  سربراهه ڊاڪٽر مصطفيٰ ڪمال چيو آھي ته ڪورنگي واري تڪ اين اي 240 تي ننڍي چونڊ دوران اسان تي گوليون ھلايون ويون، اسان جو ھڪ ڪارڪن سيف الدين شھيد ٿي ويو ۽ ڪيترائي ڪارڪن زخمي ٿيا، پوليس به اسان جي ڪارڪنن جي گھرن تي چڙھايون پئي ڪري، ڪالهه پارٽي جي ورڪرز ڪنوينشن کي خطاب ھن آرمي چيف کي اپيل ڪئي ته پوليس کي سندس پارٽي ڪارڪنن خلاف ڪاررواين کان روڪيو وڃي، ھن چيو ته اسان ڪراچي ۾ امن قائم ڪيو پر ڪجهه ماڻهو وري رتوڇاڻ چاھين ٿا، سوشل ميڊيا، پرنٽ ۽ اليڪٽرونڪ ميڊيا تي  ڪورنگي چونڊ جون سموريون تصويرون ۽ وڊيوز موجود آھن، انھن کي غور سان ڏٺو وڃي، پي ايس پي جي ھڪ به ڪارڪن وٽ ھٿيار ناھي