ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي ضلعي ڪورنگي واري قومي تڪ اين اي 240 تي ننڍي چونڊ دوران ٿيل هنگامن  جي جاچ لاءِ خاص ٽيم جوڙي وئي، ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي جاويد اختر اوڍو طرفان ڊي آءِ جي اوڀر مقدس حيدر جي سربراهي ۾ ٽيم جوڙي وئي، جنهن ۾ ايس ايس پي طارق نواز، عارب مهر، ابريز عباسي ۽ ايس ايس پي ڪورنگي فيصل عبدالله ميمڻ کي شامل ڪيو ويو. خاص ٽيم داخل ٿيل 4 ڪيسن جي جاچ ڪرڻ  سان گڏ  هنگامن ۾ ملوث جوابدارن جي سڃاڻپ ڪندي، ملزمن جي گرفتاري لاءِ قدم پڻ کڻندي