ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪورنگي پوليس 4 مهينا اڳ اغوا ٿيل ڏيڍ سال جي ٻارڙيءَ کي بازياب ڪرائي ورتو،  پوليس هڪ جوابدار نويد وليد رحيم کي گرفتار  ڪري ڪيس  داخل ڪري ڇڏيو. ڪورنگي پوليس جي ترجمان موجب چائلڊ پروٽيڪشن سيل کي هڪ عورت درخواست ڏني ته پاڙيسري نويد ولد رحيم 4 مهينا اڳ ٻارڙي کي اغوا ڪري ويو آهي، هاڻ  شادي ڪرڻ لاءِ  فون تي ڌمڪائي رهيو آهي ، اهڙي درخواست تي زمان ٽائون پوليس موبائل ٽريسنگ ۽ پوليس انفارميشن ذريعي ڏيڍ سال جي ٻارڙيءَ کي بازياب ڪرائي ڪيس داخل ڪيو آهي.