ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سيشن جج اوڀر جي عدالت مهراڻ ٽائون فيڪٽري ڪيس ۾ ايس بي سي اي ڪورنگي جي ڊپٽي ڊائريڪٽر عبدالمسيع جي عبوري ضمانت منظور ڪندي کيس ٽرائل ڪورٽ ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، ڪالهه ٻڌڻي دوران ڪيس جي جاچ آفيسر عدالت کي ٻڌايو ته سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جي آفيسرن تي غفلت ڪرڻ جو الزام آهي، ڄاڻايل ڪيس ۾ هينئر تائين 10 جوابدار روپوش آهن، ڪي اليڪٽرڪ جي آفيسرن سنڌ هاءِ ڪورٽ مان گرفتاري جا وارنٽ رد ڪرائي ڇڏيا آهن. واضح رهي ته ڄاڻايل ڪيس ۾هن وقت تائين سيپا جي ڊپٽي ڊائريڪٽر محمد ڪامران، فائر برگيڊ ڪورنگي جي انچارج اشتياق احمد سميت 3 آفيسرن عبوري ضمانت ڪرائي آهي.