اسلام آباد: اپوزيشن پارٽي پشتونخوا ملي عوامي پارٽي جي سربراهه محمود خان اچڪزئي پاران جميعت علماءِ اسلام جي سربراهه مولانا فضل الرحمان کي فون ڪال ڪئي وئي. محمود اچڪزئي، مولانا فضل الرحمان جي صحت بابت پڇيو، جڏهن ته ٻنهي اڳواڻن ملڪي صورتحال تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ذريعن موجب، محمود خان اچڪزئي ۽ مولانا فضل الرحمان عيد کانپوءِ ملڪ گير احتجاجي تحريڪ شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. ان موقعي تي محمود خان اچڪزئي چيو ته اسان جو مقصد عمران خان کي هٽائڻ نه پر فرسوده نظام کي تبديل ڪرڻ آهي. ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ۾ فضل الرحمان ۽ اچڪزئي ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته ڪوئي گڏ هلي يا نه هلي پر عيد کانپوءِ حڪمت عملي سان نڪرنداسين.