ڪوئيٽا (م ڊ) ڪوئيٽا ۾ جوابدار عورت بڻجي اعتراض جوڳيون تصويرون ۽ وڊيوز ٺاهيندو رهيو. ان ڏس ۾ ايف آءِ اي سائبر ڪرائم سرڪل ڪارروائي ڪندي سوشل ميڊيا تي عورت بڻجي اعتراض جوڳيون تصويرون ۽ وڊيوز ٺاهيندڙ جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو. ايف آءِ اي سائبر ڪرائم سرڪل ڪوئيٽا ڪامياب ڪارروائي ڪندي عورت بڻجي اعتراض جوڳيون تصويرون ۽ وڊيوز ٺاهيندڙ جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو آهي. ايف آءِ اي ترجمان موجب، جوابدار سميع الله عورت جي نالي سان فيسبوڪ آءِ ڊيز ٺاهيون هيون ۽ انهن آءِ ڊين جو  استعمال ڪندي اعتراض جوڳيون وڊيوز رڪارڊ ڪيون هيون. ترجمان جو چوڻ هو ته جوابدار متاثر شخص کي هراسان ۽ بليڪ ميل ڪري رهيو هو، جڏهن ته هن اعتراض جوڳو مواد سوشل ميڊيا تي به شيئر ڪيو هو، ۽ متاثر شخص کي ملاقات لاءِ به بليڪ ميل ڪري رهيو هو. ايف آءِ اي ترجمان موجب، جوابدار خلاف پيڪا ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيو ويو هو، جوابدار کي جديد ٽيڪنالاجي جي مدد سان ڪوئيٽا مان گرفتار ڪيو ويو، ۽ سندس فون قبضي ۾ وٺي فرانزڪ لاءِ اُماڻي وئي آهي، جڏهن ته معاملي جي وڌيڪ جاچ جاري آهي.