ڪوئيٽا ۽ گوادر ۾ حملا ڪندڙ آپگهاتي بمبار افغانستان کان آيا هئا، حملي آورن جي سڃاڻپ ٿي وئي: شيخ رشيد

0
225
حڪومت ۽ اسٽيبلشمينٽ

ڪراچي: وفاقي گھرو وزير شيخ رشيد چيو آھي تھ ڪوئيٽا ۽ گوادر ۾ حملا ڪندڙ آپگهاتي بمبار افغانستان کان آيا هئا، ٻنهي حملي آورن جي سڃاڻپ ٿي وئي.

وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد چيو آهي ته پاڪستان ۾ ڪابه پناهگير ڪيمپ نه آهي ۽ نه ئي ٺاهي پئي وڃي، وزيراعظم فيصلو ڪندو ته پاڪستان کي ڪڏهن ۽ ڇا ڪرڻو آهي، بلاول ڀٽو، شهباز شريف ۽ مولانا فضل الرحمان جي سياست ختم ٿي وئي، مستقبل ۾ ملڪي سياست ۾ افغانستان جو وڏو عمل دخل هوندو، اسلام آباد اچڻ جون ڳالهيون ڪندڙ عقل جا انڌا آهن، حڪومت جمهوريت ۽ دنيا کي گڏ کڻي هلڻ گهرون ٿا.