ڪوئيٽا: گرفتاري ڏيڻ لاءِ اپوزيشن ميمبرزٻن ڏينهن کان ٿاڻي ۾ موجود

0
250

ڪوئيٽا(م ڊ) بلوچستان جي اپوزِيشن جماعتن سان واسطو رکندڙ 14 اسيمبلي ميمبرز گرفتاري ڏيڻ لاءِ گذريل ٻن ڏينهن کان بجلي روڊ ٿاڻي ۾ ويٺا آهن، اپوزيشن جماعتن سان تعلق رکندڙ 17 ميمبرز جي خلاف 18 جون تي اسيمبلي ۾ هنگامو ڪرڻ تي ڪيس داخل ڪيو ويو هو، ان حوالي سان ميمبرز گرفتاري ڏيڻ لاءِ ٿاڻي ۾ موجود آهن، پوليس طرفان ميمبرز جي گرفتاري جي آڇ باوجود گرفتار ناهي ڪيو ويو، جنهن بعد اپوزيشن جا 14 ميمبرز اڃا به ٿاڻي تي موجود آهن، ذريعن جو چوڻ آهي ته پوليس ميمبرز کي گرفتار نٿي ڪري ۽ ميمبرز ٿاڻي مان نڪرڻ لاءِ تيار نه آهن.