ڪوئيٽا(م ڊ) بلوچستان جي راڄڌاني ڪوئيٽا جي سرڪاري اسپتال ۾ نرسن کي مبينا طور جسم فروشي تي مجبور ڪرڻ واري واقعي جي جاچ ۾ في الحال ڪا اڳڀرائي ناهي ٿي. بلوچستان جي صوبائي صحت موجب گمنام خط جي بنياد تي ٿيندڙ جاچ ۾ هينئر تائين ڪا واضح اڳڀرائي ناهي ٿي سگهي. اڃا تائين ڪو به فرد جاچ ڪاميٽي آڏو پيش ناهي ٿيو جڏهن ته انڪوائري ڪاميٽي سومر تي لاڳاپيل سرڪاري اسپتال جو دورو ڪندي. صحت کاتي جو چوڻ آهي ته اسڪينڊل کانپوءِ لاڳاپيل سرڪاري اسپتال جي هيڊ نرس کي بدلي ڪندي کيس صوبائي کاتي ۾ رپورٽ ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.