حيدرآباد/ ڪوٽڙي( رپورٽر)ڪيترائي ورهيه اڳ نسيم کرل جي لکيل مشهور ڪهاڻي چوٽيهون در جا منظر ڄامشوري پل وٽ ڏسي شهرين جي اکين ۾ لڙڪ اچي ويا.  ڄامشوري پل جي ستٽيهين در ۾ هڪ  ڦاٿل  لاش ڏسي شهرين پوليس کي اطلاع ڏنو جنهن تان حيدرآباد ۽ ڄامشوري پوليس ۾ تڪرار شروع ٿي ويو جنهن سبب ڪيترن ڪلاڪن تائين لاش در وٽ ڦاٿل رهيو.  پوليس جي بي حسي شهرين کي نسيم کرل جي ڪهاڻي چوٽيهون در جي ياد ڏياري ڇڏي، ڪجهه ڪلاڪن کان پوءِ ڀٽائي نگر پوليس لاش ڪڍائي سول اسپتال پهچايو  جنهن جي سڃاڻپ  سلمان طور ڪئي وئي.