صدرجي ڀٽيون (رپورٽ : عبدالجبار لغاري ) ڪنگري تعلقي مان برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ سبب 20 هزار ايڪڙن تي پوکيل ڪيلي جو فصل تباهه ٿي ويو، مجموعي طور 70 سيڪڙو ايراضيءَ تي ڪڻڪ جي پوکائي نه ٿي سگهڻ جو خدشو پيدا ٿي ويو. رپورٽ موجب برساتي ٻوڏ سبب ڪنگري تعلقي جي فيض محمد ٻنڊو، پريالو، احمدپور، صدرجي ڀٽيون، هادل شاهه، ٻيلي چني، فريد آباد، مٺو ديرو سميت مختلف علائقن ۾ ٻين فصلن سان گڏ 20 هزار ايڪڙن تي پوکيل ڪيلي جو فصل تباهه ٿي ويو. مقامي آبادگارن ڪريم بخش عباسي، منظور ملاح، ذوالفقار علي شاهه، امداد شاهه بخاري، قمر الدين ڪلهوڙو ۽ ٻين ان حوالي سان پنهنجي اخبار کي ٻڌايو ته ڪنگري تعلقي ۾ مهينن کان برساتي پاڻي بيهڻ سبب هزارين ايڪڙن تي بيٺل ڪيلو تباهه ٿي ويو آهي، ان کان علاوه برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ سبب چيٽ جي فصلن جي پوکائي پڻ ممڪن نظر نٿي اچي. هنن جو چوڻ هو ته مجموعي طور 70 سيڪڙو ايراضيءَ تي ڪڻڪ جي پوکائي نه ٿي سگهندي. اهڙي صورتحال باوجود سنڌ حڪومت آبادگارن کي رليف ڏيڻ لاءِ تيار ناهي. هنن مطالبو ڪيو ته ڪنگري تعلقي مان فوري طور پاڻي نيڪال ڪرايو وڃي ته جيئن نئين مند جا فصل پوکي سگهجن.