ڪنڌ ڪوٽ (رپورٽر) ڪنڌ ڪوٽ ۾ پيرسن غلام علي ڏاھاڻي ۽ رٽائر فوجي غلام سرور ڏاھاڻي احتجاج ڪندي چيو ته غوثپور پوليس انٽر جي شاگرد نور احمد ڏاھاڻي کي کڻي وئي، ٿاڻي تي پهتاسين ته رشوت گهري وئي، نه ڏيڻ تان کيس ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائڻ ۽ هاف فراءِ ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏنيون ويون، نوٽيس وٺي انصاف ڪيو وڃي