ڪنڌڪوٽ (رپورٽر) ڪنڌڪوٽ ضلعي ۾ ڌاڙيل راڄ برقرار، هٿياربندن جو پيٽرول پمپ تي حملو، فائرنگ، خبر موجب خير شاهه واري علائقي ۾ هٿياربندن پيٽرول پمپ تي حملو ڪري انڌاڌنڌ فائرنگ ڪئي، جنهن ۾ پيٽرول پمپ جو وڏو نقصان ٿيو، حملي دوران پمپ ملازمن ۾ ڀاڄ پئجي وئي، پيٽرول پمپ ملازمن چيو ته هٿياربندن تيل واري ٽانڪي، يونٽ، سولر سسٽم، مشينري ۽ ٻيو قيمتي سامان ناڪارهه بڻائي روڪ  رقم ڦر ڪري ويا آهن، ملازمن الزام هنيو ته بنگوار برادري جي هٿياربندن حملو ڪري پئٽرول پمپ ۽ عطاءُ الله کوسو جي گهر مٿان انڌاڌنڌ فائرنگ ڪئي، اڳ به هٿياربند اسان جي عورت نازيا کوسو ۽ معصوم نينگري ڪوثر کوسو کي اغوا ڪري ويا آهن.