ڪنڌڪوٽ (رپورٽر) ڪنڌڪوٽ گبلو ٿاڻي جي حد ڳوٺ ملان جيوڻ گولو جو رھواسي 18 ورهين جو نوجوان جازيب پٽ توڪ علي گولو کي ھٿياربندن ھٿيارن جي زور تي اغوا ڪري ويا، مزاحمت تي والد زخمي، موٽرسائيڪل ۽ روڪ رقم به جوابدار ڦري فرار ٿي ويا، ٻي طرف نوجوان جي وارثن موجب ته هٿياربندن اڳ وٺي موٽرسائيڪل روڪ رقم ڦر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن تي والد جي مزاحمت تي نوجوان پٽ کي هٿياربند اغوا ڪري ڪچي طرف کڻي فرار ٿي ويا. وارثن موجب ته  پوليس کي مغوي جي اغوا بابت آگاهه ڪيو آهي پر پوليس ڪوبه تحرڪ نه ورتو آهي.