ڪنڌڪوٽ (رپورٽ: عمران علي کوسو) ڪنڌڪوٽ جي 16 وارڊن تي سندراڻي گروپ ۽ سندس حمايتي يافتا 4 اميدوار بنا مقابلي ڪامياب ٿي ويا آهن.ميونسپل جي وارڊ نمبر 3 تي سندراڻي گروپ جو انجنيئر لال موٽواڻي، وارڊ 7 تي آغا شمس الدين پٺاڻ، وارڊ 9 تي لياقت ملڪ، وارڊ 5 تي جماعت اسلامي ۽ سندراڻي گروپ جو حمايتي يافتا اميدوار شبير ميراڻي بنا مقابلي ڪائونسلر چونڊجي ويا آهن. جڏهن ته ڪنڌڪوٽ جي مختلف وارڊن 1،2،4،6،8،10،11،12،13،14،15،16 تي سندراڻي  گروپ جي مدمقابل ۾جي يو آءِ ۽ تيغو تيغاڻي جا حمايتي يافتا اميدوار سامهون آهن.ڪنڌڪوٽ جي مختلف وارڊن تي جي يو آءِ ۽ سندراڻي گروپ جي اميدوارن ۾ مقابلي جا امڪان آهن.اتحادي تيغو تيغاڻي جي يو آءِ اميدوارن ۽ پنهنجي حمايتي يافتا اميدوارن کي کٽرائڻ لاءِ ورڪ تيز ڪري ڇڏي آهي.جڏهن ته ضلعي اندر موجوده صورتحال مطابق پ پ جي مدمقابل ڪا به پارٽي مظبوطي سان سامهون نه آئي آهي.غوثپور جي وارڊ 10 تي پ پ جو حمايتي يافتا اميدوار ڪامياب ٿي ويو آهي.ڪشمور ۾ وارڊ نمبر 1،3،4،9،10،11 تي مزاري گروپ جا حمايتي يافتا اميدوار ڪامياب ٿي ويا آهن جڏهن ته 5 وارڊن تي مقابلي جو امڪان آهي.گڊو ۾ 10 وارڊ تي مزاري گروپ سميت آزاد اميدوارن ۽ مختلف تنظيمن جي اميدوارن وچ ۾ مقابلا ٿيندا.جڏهن ته بخشاپور شهر ۾ 3 وارڊ جن تي مقابلا ٿيندا. تنگواڻي شهر ۾ 3 وارڊ آهن جن مان وارڊ نمبر 2 تي پ پ بجاراڻي گروپ جو اميدوار بنا مقابلي ڪامياب ٿي ويو بقايا 2 وارڊن تي مقابلا ٿيندا.جڏهن ته ڪرمپور شهر ۾ 3 وارڊ آهن جن مان وارڊ نمبر 2 ۽ 3 تي بجاراڻي گروپ جو اميدوار بنا مقابلي ڪامياب ٿي ويو آهي باقي 1 وارڊ تي مقابلي جو امڪان آهي.