ڪنڌڪوٽ/ چڪ/ خانپور (نمائندن وٽان) ڪنڌڪوٽ فلور مل ڀرسان انڊس هاءِ وي تي هٿياربندن ڪار تي انڌاڌنڌ فائرنگ ڪري 2 ڄڻن کي قتل ڪري ڇڏيو. ڪنڌڪوٽ انڊس هاءِ وي تي موٽرسائيڪل سوار هٿياربندن جي فائرنگ ۾ ڪار ۾ سوار 2 ڄڻا علي خان چاچڙ ۽ يوسف چاچڙ مارجي ويا. شهرين جي اطلاع تي بي سيڪشن پوليس لاش کڻائي ڪنڌڪوٽ اسپتال پهچايا، جتان پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيا ويا. پوليس جو چوڻ هو ته واقعو پراڻي دشمني تان پيش آيو آهي، جوابدارن کي جلد گرفتار ڪبو. هوڏانهن علائقي ۾ چوٻول آهن ته پلاند ۾ 2 ڄڻن کي قتل ڪيو ويو. ٻڌايو پيو وڃي ته ٻئي نوجوان چوري ڪيس ۾ ڪنڌڪوٽ جي جيل ۾ هئا ڪيس ختم ٿيڻ بعد آزاد ٿي گهر وڃي رهيا هئا ته هٿياربندن مٿن فائرنگ ڪئي. مقتولن جو خاندان برادري تڪرار سبب چڪ جي ڳوٺ عبدالغفور چاچڙ مان لڏي رستم لڳ ڳوٺَ سردار خادم حسين جتوئي ۾ ويٺا هئا. هوڏانهن وارثن خانپور ڪنڌڪوٽ انڊس ھاءِ وي تي ٻنھي نوجوانن جا لاش رکي ڌرڻو ھنيو، روڊ بند ھجڻ سبب گاڏين جون قطارون لڳي ويون. وارثن جو چوڻ آهي ته ڪنڌڪوٽ ۾ ھٿياربندن اسان جي ٻن نوجوانن کي قتل ڪري فرار ٿي ويا آھن. فيضو پوليس مظاھرين سان ڳالھين بعد روڊ کولرائي ورتو ۽ ٽريفڪ بحال ٿي وئي.


































