ڪنڌڪوٽ(رپورٽر)ڪنڌڪوٽ جي گهوڙا گهٽ ڪچي واري علائقي ۾ سنڌو درياءَ ۾ ٻيڙي اونڌي ٿيڻ سبب 8 ڄڻا ٻڏي ويا هئا، جن مان 2 معصوم ٻارڙن ۽ هڪ پيرسن عورت جي لاشن کي ڪڍيو ويو هو،5 ڄڻن کي بيهوشي واري حالت ۾ هٿ ڪيو ويو،قاسم ۽ صوبو ٻڌايو ته ٻيڙي اونڌي ٿيڻ سبب سنڌو درياءَ جي تيز وهڪرن جي ور چڙهي وياسين ۽ اسين تارون هجڻ ڪري نڪري آياسين. هوڏانهن ٻڏي فوت ٿيل 2 معصوم ٻارڙن ۽ عورت جي جنازه نماز اباڻي ڳوٺ چنيسر سبزوئي ۾ ادا ڪري بعد اباڻي قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو.