ڪنڌڪوٽ (رپورٽر) ڪنڌڪوٽ ۾ جماعت اسلامي پاران سرڪاري تعليمي ادارن ۾ تعليم جو معيار ۽ بنيادي سھولتون نه ھجڻ خلاف حقوق تعليم جي عنوان ھيٺ ضلعي امير غلام مصطفيٰ ميراڻي، ڊاڪٽر الطاف حسين لنگڙيال، سنڌ بار ميمبر عبدالغني بجاراڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ گھنٽا گھر چوڪ کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي وئي. اڳواڻن ۽ شاگردن تعليم کپي تالا نه کپن جا نعرا هنيا. اڳواڻن ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته ڪا به قوم ۽ معاشرو تعليم کان بغير ترقي ناھي ڪندو، پر بدقستي سان سنڌ جي حڪمرانن سڀ کان پھريان تعليم کي تباھي جي ڪناري تي پھچائي سنڌ جي عوام کي غلامي ڏانهن ڌڪي کين بنيادي سھولتن کان محروم رکيو آهي. سنڌ سميت ڪشمور ڪنڌڪوٽ ضلعي جا سوين اسڪولن کي تالا لڳل آهن جيڪي وڏيرن جي واڙن اوطاقن ۽ گودامن جي شڪل اختيار ڪري ويا آهن.