ڪنڌڪوٽ (رپورٽر) بخشاپور ٿاڻي جي حد ڇڻڪو ڦاٽڪ وٽ موٽرسائيڪل سوار هٿياربند ميڊيڪل ريپ شيرباز ملڪ ۽ قمر ملڪ کان سي ڊي موٽرسائيڪل، روڪ رقم ۽ موبائل ڦري ويا. ڦر واردات خلاف ڪنڌڪوٽ انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو هنيو ويو،شيرباز ملڪ ۽ قمر ملڪ جو چوڻ هو ته بدامني وڌي وئي آهي،هٿياربند موٽرسائيڪل، روڪ رقم ۽ موبائل کسي ويا،مزاحمت تي تشدد جو نشانو بڻايو، پوليس عملدارن جي خاطري تي ڌرڻو ختم ڪيو ويو.هوڏانهن ڪنڌڪوٽ ۾مزدور ليبر يونين جي سڏ تي مزدورن يونين اڳواڻن طارق باجڪاڻي، ڏاڏو جکراڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مزدوري وڌائڻ، واپارين جي ناجائزين، اغوا، ڦر، چوري ۽ بدامني خلاف اناج منڊي کان احتجاجي ريلي ڪڍي.ان موقعي تي اڳواڻن جو چوڻ هو ته ضلعي ۾ بدامني جو راڪاس ڇانيل آهي، اسين پاڻ کي غير محفوظ سمجهون ٿا، هنن چيو ته اسان جا جائز مطالبا ضلعي انتظاميا منظور نه ڪيا ته اسين سخت احتجاج ڪنداسين.ٻئي طرف ڪنڌڪوٽ جي وڪيل پاران وڌنڌڙ بدامني خلاف عدالت ۾ درخواست داخل ڪرائي ڇڏي، ايس ايچ او اي سيڪشن ۽ ايس ايس پي ڪشمور ڪنڌڪوٽ کي ڌر بڻايو ويو، وڪيل محمد نواز بنگوار جي درخواست عدالت سڳوري ٻڌڻي لاءِ منظور ڪندي 7 ڊسمبر تي ڌرين کي طلب ڪري ورتو آهي، وڪيل محمد نواز بنگوار جو چوڻ هو ته ضلعي جي صورتحال ڳڻتي جوڳي ٿي وئي آهي روڊ رستا عام ماڻهن لاءِ محفوظ ناهن رهيا چوريون ڦرون ڌاڙا اغوا وارداتون قتل و غارت جهيڙا عام ٿي ويا آهن ضلعي جو امن و امان برباد ٿي ويو آهي ۽ ان سڀني معاملن جو ذميوار ضلعي جو ايس ايس پي آهي.ٻئي پاسي ايس ايس پي ڪشمور زبير نظير شيخ جو چوڻ هو ته پوليس نيڪ نيتي سان ڪم ڪري رهي آهي. امن و امان خراب ڪرڻ جي ڪنهن کي به اجازت نه ڏينداسين عوام جي جان  مال جي حفاظت ڪرڻ اسان جي اولين ترجيع آهي اسين عوام جي جان و مال جي حفاظت ڪندي شهادتون ماڻيندا آهيون انشاءَالله جلد ڏوهارين جو خاتمو ۽ ضلعي مان صفايو ڪيو ويندو.