ڪنڌڪوٽ/ڳڙهي حسن (نمائندن وٽان) ڪنڌڪوٽ ۽ ڳڙهي حسن ۾ ارڙي وگهي وڌيڪ 4 ٻارڙا فوت ٿي ويا، جڏهن ته ڪيترائي ٻار بيماري ۾ مبتلا ٿي ويا آهن، جن کي اسپتال داخل ڪيو ويو آهي. خبر موجب ڪنڌڪوٽ شهر جي غريب آباد محلي ۾ ارڙي وگهي 3 ٻارڙا 2 سالا ڪبريٰ خاتون شيخ، 3 سالا مرتضيٰ شيخ ۽ 4 سالا مبارڪ شيخ فوت ٿي ويا آهن، جڏهن ته علائقي ۾ سوين ٻارڙا ارڙي ۾ مبتلا ٿي ويا آهن، جن کي مختلف اسپتالن ۾ داخل ڪيو ويو آهي، علائقي واسين جو چوڻ آهي ته اطلاع باوجود صحت کاتي جي عملدارن ڪو به قدم ناهي کنيو. هوڏانهن ڳڙھي حسن ويجهو ڳوٺ رسول بخش ڪٽوهر ۾ لياقت علي ڪٽوهر جي ٻن ورهين جي ڌيءُ مُسڪان ارڙي وگهي فوت ٿي وئي. ٻن مهينن دوران علائقي جي ڳوٺن ۾ ارڙيءَ وگھي فوت ٿيل ٻارڙن جو انگ وڌي 11 ٿي ويو آهي، جڏهن ته صحت کاتي هن وقت تائين ڪو به نوٽيس ناهي ورتو.