ڪنڌڪوٽ/غوثپور (رپورٽ: عمران علي کوسو+ ظفر ڀيو) ڪنڌڪوٽ ضلعي جي پوليس پاران صبح سوير سان ڏوهاري خادم ڀيو گينگ سبزوئي ۽ جاگيراڻي گينگ خلاف آپريشن شروع ڪيو، ضلعي ڪشمور ڪنڌڪوٽ جي مختلف ٿاڻن جي پوليس نفري آپريشن ۾ حصو ورتو، ايس ايس پي عرفان سمون جي سربراهي ۾ شروع ٿيندڙ آپريشن ۾ 5 ڊي ايس پي ضلعي جي مختلف ٿاڻن جي 15 کان وڌيڪ ايس ايچ اوز 250 کان وڌيڪ پوليس اهلڪارن 7 اي پي سي چين بڪتربند گاڏيون جديد اصلحو ڏوهارين مٿان استعمال ڪيو ويو. ڏوهارين خلاف آپريشن ۾ پوليس کي نقصان رسيو، آپريشن ۾ ڊي ايس پي سميت هڪ پوليس اهلڪار زخمي، جڏهن ته ايس ايچ او شهيد ٿي ويو، آپريشن ۾ حصو وٺندڙ ڊي ايس پي سٽي قلندر بخش سومرو تي اي پي سي چين مٿان ڏوهارين راڪيٽ لانچر جو گولو فائر ڪرڻ دوران ڊي ايس پي قلندر بخش سومرو زخمي ٿي پيو، جڏهن ته اي پي سي چين تي ڏوهارين پاران جديد هٿيار اينٽي ايئر ڪرافٽ گن سان حملو ڪرڻ تي ايس ايچ او عبداللطيف ميراڻي شهيد ۽ پوليس اهلڪار اسحاق ميراڻي زخمي ٿي پيو. جڏهن ته رولو گولين ۾ هڪ واٽهڙو سميت لابارو ڪندڙ عورت زخمي ٿي پئي.ڪچي جي دراني مهر واري علائقي ۾ پوليس آپريشن تي سول اسپتال ۾ انتظاميا پاران ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي.ڪچي ۾ آپريشن جو ٻڌي سول اسپتال ۾ وڏي انگ ۾ شهري پهچي ويا. ايس ايس پي عرفان سمون ڪنڌڪوٽ سول اسپتال پهچي شهيد ايس ايڇ او عبداللطيف ميراڻي جي مڙهه کي ڏسڻ لاءِ پهتو ۽ زخمي ڊي ايس پي ۽ زخمي پوليس اهلڪار جي عيادت ڪئي.ايس ايس پي پنهنجي نگراني ۾ زخمي ڊي ايس پي ۽ پوليس اهلڪار کي لاڙڪاڻه اسپتال منتقل ڪرايو.ايس ايس پي پنهنجي نگراني ۾ شهيد ايس ايچ او عبداللطيف ميراڻي جو مڙهه ايمبولينس ذريعي اباڻي ڳوٺ روانو ڪرايو. هوڏانهن ايس ايس پي عرفان سمون دعويٰ ڪئي آهي ته   آپريشن ۾ ڏوهاري خادم ڀيو گينگ جو نقصان ٿيو آهي،  11 کان 12 ڌاڙيل مارجي چڪا آهن.ايس ايس پي جو چوڻ هو ته پوليس هن وقت تائين ڪچي واري علائقي ڏوهارين جي ٿاڪن اندر موجود آهي،پوليس ڪاميابي بعد ئي واپس موٽندي.