ڪنڌڪوٽ (رپورٽر) ڪنڌڪوٽ جي ڪچي ۾ آپريشن جون تياريون جاري، پوليس اڃا تائين ڪا به ڪارروائي نه ڪري سگهي، ايڊيشنل آءِ جي پاران پوليس ڪئمپن جو دورو، بريفنگ ورتي. خبر موجب ڪنڌڪوٽ جي ڪچي ۾ ڊي آءِ جي کان پوءِ ايڊيشنل آءِ جي سکر به دورو ڪيو، ايڊيشنل آءِ جي سکر ڊاڪٽر ڪامران فضل ڪنڌڪوٽ جي ڪچي دراني مهر سميت مختلف علائقن جو دورو ڪيو ۽ قائم ڪيل پوليس ڪئمپون ڏٺيون ۽ پوليس اهلڪارن سان ملاقاتون ڪيون. ايڊيشنل آءِ جي سکر کي ايس ايس پي امجد شيخ ڪچي ۾ هلندڙ پوليس بابت آپريشن بابت بريفنگ ڏني ۽ ڏوهارين کان ڪليئر ڪرايل علائقي بابت کيس آگاه ڪيو. ايس ايس پي بريفنگ ۾ ڪچي ۾ مقرر اهلڪارن بابت انگ اکر آر پي او کي ٻڌايا، جڏهن ته ايڊيشنل آءِ جي ڪنڌڪوٽ گهوٽڪي پل واري هلندڙ ڪم جو جائزو پڻ ورتو. هوڏانهن علائقي واسين جو چوڻ هو ته پوليس ڏوهارين خلاف ڪا به ڪاروائي نه ڪري سگهي آهي، گڊو کان پاڻي وهڪرا وڌڻ شروع ٿي ويا آهن، ڪجهه هفتن بعد ڌرياهي وهڪرن ۾ واڌ بعد ڪچو ٻڏي ويندو ۽ پوليس کي آپريشن ڪرڻ ۾ ڏکيائون پيش اينديون، علائقي واسين موجب پوليس جيڪڏهن جلد آپريشن شروع نه ڪيو ته هي آپريشن به اڳين جيان سواليا نشان بڻجي ويندو.