ڪنڌڪوٽ (رپورٽر) ڪنڌڪوٽ ويجهو پوليس ۽ ڌاڙيلن جي جيئند جاگيراڻي ٽولي وچ ۾ مقابلو ٿي پيو، دراني مهر ڪچي واري علائقي ۾ پوليس ۽ ڏوهارين وچ ۾ جديد هٿيارن سان فائرنگ ٿي، جيڪو سلسلو 3 ڪلاڪن تائين وقفي وقفي سان جاري رهيو، ٻنهي طرفن کان جديد هٿيارن راڪيٽ لانچرز، اينٽي ايئر ڪرافٽ گن، جي ٿري رائيفل سميت ٻيا ڳرا هٿيار استعمال ڪرڻ سبب علائقي ۾ خوف هراس ڦهلجي ويو ۽ ماڻهو گهرن تائين محدود ٿي ويا، ايس ايس پي ڪشمور ڪنڌڪوٽ جو چوڻ هو ته ڏوهاري جيئند جاگيراڻي ٽولي خلاف آپريشن ۾ بڪتربند گاڏيون، اي پي سي چين، جديد هٿيار، هڪ سئو کان مٿي پوليس اهلڪار ۽ 20 پوليس موبائيلون حصو وٺي رهيون آهن. ايس ايس پي چيو ته پوليس آپريشن ۾ جيئند جاگيراڻي ٽولي جو هڪ ڏوهاري مارجي ويو آهي ۽ آپريشن هلندڙ آهي، هوڏانهن ايس ايس پي پاران ڏوهاري مارڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي پر ميڊيا آڏو مارجي ويل ڏوهاري جو لاش ظاهر ناهي ڪيو ويو، جنهن ڪري ايس ايس پي جي اهڙي دعويٰ مشڪوڪ بڻجي وئي آهي.