ڪنڌڪوٽ پوليس پاران 6 ڄڻن کي اغوا ٿيڻ کان بچائڻ جي دعويٰ

0
104

ڪنڌڪوٽ (ن پ ا) ڪنڌڪوٽ پوليس پاران 6 ڄڻن کي اغوا ٿيڻ کان بچائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي، پوليس جو چوڻ آهي ته حاڪم علي، صادق، ربنواز، رضوان، محبوب ۽ معين احمد کي اغوا ٿيڻ کان بچايو آهي، 6 ئي ڄڻن جو تعلق گهوٽڪي، رحيم يار خان، منڊي بهائوالدين، بهاولپور ۽ سيهوڻ شهرن سان هو، پوليس جو چوڻ آهي ته ٽيڪنيڪل ٽيم مطابق 6 ئي ڄڻن کي تيغاڻي ۽ جاگيراڻي گينگ جا ڏوهاري فون ڪري ڪچي گهرائي اغوا ڪرڻ جو منصوبو جوڙي رهيا هئا جن کي کي آگاه ڪيو ويو ته جن نمبرز تي اوهان رابطي ۾ آهيو اهي ڏوهارين جا نمبر آهن جيڪي اوهان کي ڪچي گهرائي اوهان کي اغوا ڪرڻ چاهين ٿا.