ڪنڌڪوٽ (رپورٽر) ڪنڌڪوٽ پوليس جي مبينا مقابلي ۾ مارجي ويل عبدالستار کوسو جي وارثن اعتزاز، ذوالفقار، محمد رمضان، بلاول، عبيدالله کوسواحتجاج ڪندي چيو ته پوليس عبدالستار کوسو ۽ عبدالفهيم کوسو کي ڪجهه ڏينهن گرفتار ڪري گم ڪيو هو. هنن چيو ته پوليس جڙتو مقابلو ڄاڻائي عبدالستار کوسو کي قتل ڪري ڇڏيو ۽ عبدالفهيم کوسو اڃا تائين و ڪوبه ڏس پتو ناهي پيو.خدشو آهي پوليس ان کي به جڙتو مقابلو ڄاڻائي قتل ڪري ڇڏيندي.هنن چيو ته سي آءِ انچارج جاويد عالم، ايس ايچ او اي سيڪشن دلي جان مگسي، ايس ايچ او تنگواڻي امتياز منگي، ون فائيو انچارج عبدالجبار منگي، پي سي غلام حسين کوسو ۽ شبير ڀيو اسان جي نوجوان کي قتل ڪرڻ ۽ ٻئي کي کنڀي گم ڪرڻ ۾ ملوث آهن.هنن مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي عبدالستار کوسو جي قاتلن کي سخت سزا ڏني وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جو سلسلو جاري رهندو.