ڪنڌڪوٽ ويجهو ڌاڙيلن سان مقابلي دوران پوليس اهلڪار شهيد، مغوي ڊرائيور بازياب

0
150
ڪنڌڪوٽ ويجهو ڌاڙيلن سان

ڪنڌڪوٽ: ڪنڌڪوٽ ويجهو ڌاڙيلن سان مقابلي دوران پوليس اهلڪار شهيد ٿي ويو، پوليس پاران اغوا ڪيل ڊرائيور بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي

بخشاپور ٿاڻي جي حد آڏو واهه وٽ ڌاڙيلن ٽرڪين تي فائرنگ ڪري ڊرائيور رب نواز چنا کي اغوا ڪيو، هٿياربندن جي فائرنگ ۾ ٽرڪ ڪلينر نازڪ نازڪ حسين زخمي ٿي پيو

واقعي واري هنڌ پهتل پوليس ۽ ڌاڙيلن وچ ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ ٿي، فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ پوليس اهلڪار روشن الدين جکراڻي  شهيد ٿي ويو، ڌاڙيل ٽرڪ ڊرائيور ربنواز چنا  کي ڇڏي ڀڄي ويا

پوليس جو چوڻ آهي ته ڌاڙيلن ۽ ڏوهارين کي بخش نه ڪيو ويندو، شهيد روشن الدين جکراڻي جي شهادت جو پلاند وٺنداسين، مقابلي دوران هڪ مغوي کي بازياب ڪرايو ويو آهي، ڪچي ۾ به آپريشن جاري رهندو

هي به پڙهندا

سنڌ پنجاب بارڊر وٽ ڌاڙيلن 9 دُهلارين ۽ فنڪارن کي اغوا ڪري ورتو