ڪنڌڪوٽ ويجهو ٽينڪر ڊرائيور سميت 2 ڄڻا مبينا طور اغوا

0
224

ڪنڌڪوٽ (رپورٽر) ڪنڌڪوٽ ويجهو ٽينڪر ڊرائيور سميت 2 ڄڻا مبينا طور اغوا ٿي ويا، ڪنڌڪوٽ جي بي سيڪشن ٿاڻي جي حد مان ٽينڪر ڊرائيور سميت 2 ڄڻا مبينا طور اغوا ٿي ويا آهن

خير شاهه واري علائقي مان ڌاڙيل  آئل ٽينڪر جي ڊرائيور ۽ ڪلينر  کي مبينا طور اغوا ڪري ويا، وارثن جو چوڻ آهي ته ڪنڌڪوٽ ۽ ڀرپاسي ۾ بدامني وڌي وئي آهي، مغوين جي بازيابي لاءِ قدم کنيا وڃن

ٻئي پاسي ڪرمپور جي ڪچي ۾ آپريشن، پوليس پاران هڪ مغوي بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي،  ناپرڪوٽ پوليس پاران  ڪچي ۾ آپريشن دوران هڪ مغوي  کي بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي

پوليس جو چوڻ آهي ته 2هفتا اڳ مڇي ٻنڊو وٽان مزدا مان  لاهي اغوا ڪيل ڪلينر ظفر گولو کي بازياب ڪرايو آهي

جڏهن ته ڪشمور جي ڪچي ۾ ايس ايس پي عرفان سمون جي اڳواڻي ۾ آپريشن شروع ڪيو ويو آهي، ڪشمور جي گيهلپور واري ڪچي  ۾ ايس ايس پي عرفان سمون جي اڳواڻي ۾ آپريشن شروع ڪيو ويو آهي

ايس ايس پي عرفان سمون موجب قتل ۽ اغوا جي واقعن ۾ ملوث شر گينگ  جي ڏوهارين خلاف آپريشن شروع ڪيو  آهي، آپريشن ۾ مختلف ٿاڻن جي پوليس، اي  پي سي چين ۽ بڪتر بند گاڏيون به شامل،  ڏوهارين جا ڪيترائي ٿاڪ ڊاهي پٽ ڪيا ويا

هي به پڙهندا

گمبٽ ۾ ون فائيو اهلڪار جو نوجوان تي تشدد، وڊيو وائرل

ناري جي اغوا جو ڪيس داخل نه ڪرڻ تي پوليس آفيسر کي گرفتار ڪرڻ جو حڪم