ڪنڌڪوٽ: عورت کي ڪاري قرار، جان بچائي مڙس سميت عدالت پهچي وئي

0
199

ڪنڌڪوٽ (رپورٽر) مسمات مٽل خاتون زال ٻانڌي جعفري جا الزام: پنهنجن ئي مائٽن کان خطرو ناحق ڪارنهن الزام تي قتل ڪرڻ جون دانهون ڪندي عدالت پهچي وئي، متاثر عورت مٺل خاتون موجب، منهنجي جان کي خطرو آهي منهنجي مڙس جا ويجها عزيز مونکي ناحق ڪارو ڪري قتل ڪرڻ چاهين ٿا، متاثر عورت موجب، مونکي صديق،صاحب،اربيلا،والو،مجو ۽ ٻيا ڪارنهن الزام هيٺ قتل ڪرڻ چاهين ٿا، متاثر عورت جو چوڻ آهي جوابدار گهر اندر گهڙي مون تي تشدد ڪيو وجه وٺي گهران ڀڄي جان بچائي نڪتس، متاثر عورت موجب، ڪنڌڪوٽ:جوابدارن جو ٻئي ڪنهن سان ڏيتي ليتي تان معاملو هلندڙ آهي اهي پئسا نه ٿا ڏين ته ان مسئلي تي مون کي ڪارو ڪري قتل ڪرڻ چاهين ٿا جئين هنن کي رقم وصول ڪري سگهن، متاثر عورت مٽل خاتون جو چوڻ آهي ته پوليس به ڪا مدد نه ڪئي عدالت پهتي آهيان تحفظ ڏنو وڃي، مڙس ٻانڌي جعفري جو چوڻ آهي ته مونکي مائٽ چوندا رهيا پنهنجي گهر واري کي ڪارو ڪر مخالفن سان مسئلو هلندڙ آهي انڪار تي مون تي ۽ منهنجي گهر واري تي تشدد ڪيو جان بچائڻ خاطر گهر واري سان گڏ عدالت پهتو آهيان جوابدارن کان جان کي خطرو آهي تحفظ فراهم ڪيو وڃي.