ڪنڌڪوٽ (رپورٽر) ڪنڌڪوٽ جي اي ٽي سي جي عدالت ۾ جوابدار مٿان ڏوه ثابت ٿيڻ تي جوابدار کي 10 سال قيد ۽ 2 لک 30 هزار ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي آهي.اي ٽي سي جج محمد هاشم سومرو جي عدالت جوابدار رهزن ولد شهمير سبزوئي مٿان پوليس سان مقابلي جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي 10 سال قيد ۽ 2 لک 30 هزار ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي آهي. جوابدار مٿان ساڍا 6 مهينا اڳ تنگواڻي ٿاڻي تي پوليس مقابلي جو ڪيس دخل ٿيل هو ۽ اهڙي ڪيس جي عدالت سزا جي فتويٰ ٻڌائي وئي آهي.جوابدار کي سينٽرل جيل منتقل ڪيو ويو.