ڪنڌڪوٽ (رپورٽر) دڙي کان غوثپور تائين نيشنل هاءِ وي برساتن ۾ اکڙڻ بعد ڪنڌڪوٽ ڊسٽرڪٽ سيشن ڪورٽ ۾ وڪيل ذوالفقار قاضي ۽ صاحب خان ملڪ پاران منير احمد ميمڻ جنرل مئنيجر سنڌ نيشنل هاءِ وي سکر،آصف مسعود ڊائريڪٽر ڪنسٽرڪشن  مانيٽرنگ، عبدالوحيد شيخ ڊپٽي ڊائريڪٽر ڪنسٽرڪشن اين ايڇ اي، ارشاد ميمڻ ڊائريڪٽر (مينٽ)لاڙڪاڻو ريجن، غلام عباس جلباڻي اسسٽنٽ ڊائريڪٽر(مينٽ)شڪارپور، ٺيڪيدار چوڌري اشرف يوگالڪو ڪمپني، ٺيڪيدار مبين احمد ناريجو مٿان 2 ڌار ڌار پٽيشنون داخل ڪرايون، جمشيد احمد اعواڻ جي عدالت پٽيشن ٻڌڻ جوڳي قرار ڏيندي ڌرين کي 11 آگسٽ تي طلب ڪري ورتو آهي.s