ڪنڌڪوٽ: شاهي واهه ۾ مبينا ٻڏي ويل نينگر جو مڙهه هٿ

0
363

ڪنڌڪوٽ (ن پ ا) ڪنڌڪوٽ ويجهو شاهي واهه ۾ مبينا ٻڏي ويل نينگر جو مڙهه 15 ڪلاڪن بعد هٿ ڪيو ويو آهي، نينگر امتياز گولاٽو گذريل ڏينهن شاهي واهه ۾ ٻڏي فوت ٿيو هو جنهن جو لاش هٿ ڪيو ويو آهي، نينگر جو مڙهه گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو ، جڏهن ته پوليس شڪ جي بنياد تي ٻن ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو .