ڪنڌڪوٽ (رپورٽر) ڪنڌڪوٽ ويجهو گذريل ڏينهن چاچڙ برادري جي 3 ڄڻن جي قتل ٿيڻ وارو معاملو، هٿياربندن پاران قبضي ڪيل لاش راڄوڻي ڪوششن سان 27 ڪلاڪن بعد وارثن حوالي، واقعي جو ڪيس داخل نه ٿيو، رتو ڇاڻ جو خدشو، رپورٽ موجب ڪنڌڪوٽ جي ڪچي واري علائقي دراني مهر ۾ گذريل ڏينهن هٿياربندن هٿان مارجي ويل 3 ڄڻن جي اباڻي ڳوٺ ڄام سونهارو ۾ جنازي نماز ادا ڪئي وئي، جنهن بعد ٽنهي مقتولن جا لاش اباڻي قبرستان ۾ هٿيارن جي ڇانو ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيا ويا. ان کان اڳ هڪ لاش هٿياربندن جي قبضي هيٺ هجڻ سبب مقتولن جي وارثن تر جي چڱن مڙسن سان رابطو ڪري ڊيل ڪرڻ بعد 27 ڪلاڪن کانپوءِ لاش وصول ڪيو، هوڏانهن 3 ڄڻن جي قتل واري واقعي کان پوءِ علائقي ۾ خوف هراس ڇانيل رهيو ۽ علائقي واسي گهرن تائين محدود رهيا.