ڪنڌڪوٽ (ن پ ا) ڪچي ۾ پوليس 16 هين ڏينهن به آپريشن جاري رکي ڏوهارين جا ڪيترائي ٿاڪ ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيا، ڏوهارين پاران ٺاهيل هٿرادو گهارا به بند ڪيا ويا، مورچا به ڊاهي پٽ ڪيا ويا آهن، پوليس دعويٰ ڪئي آهي ته آپريشن دوران پوليس ۽ ڏوهارين وچ ۾ وقفي وقفي سان فائرنگ جو سلسلو جاري آهي، جنگي صورتحال ۾ استعمال ٿيندڙ هٿيار ضلعي جي ڪچي ۾ پوليس ۽ ڏوهاري هڪ ٻئي مٿان استعمال ڪري رهيا آهن، ايس ايس پي جي دعويٰ آهي ته ڪچي ۾ هلندڙ پوليس آپريشن ۾ دراني مهر جو ڪچو ۽ ڪچو ڪيٽي وارو علائقو ڪليئر ڪرايو آهي، ٻئي طرف هلندڙ پوليس آپريشن ۾ مغوي بازياب نه ٿي سگهيا، جنهن سبب مغوين جي گهرن ۾ روڄ راڙو متل آهي.