ڪشمور (رپورٽر) ڪنڌڪوٽ جي سينيئر صحافي پريس ڪلب جي جنرل سيڪريٽري لياقت کوسو کي بااثر پاران هراسان ڪرڻ خلاف کوسا برادري ۽ صحافين پاران پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي عبدالوحيد کوسو، جاويد کوسو، امام بخش کوسو، صحافين جيئرام بجاج، محمد علي ڪلوڙ، عمران نوناري جو چوڻ هو ته صحافي لياقت کوسو کي ايم پي اي عابد سندراڻي مختلف حربن سان پنهنجي ماڻهن معرفت هراسان ڪري رهيو آهي.آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو، ايس ايس پي ڪشمور کان گهر ڪئي ته صحافي لياقت کوسو کي ڌمڪيون ڏيندڙ بااثر وڏيري خلاف ڪاروائي ڪئي وڃي.