ڪنڌڪوٽ: اغوا ڄاڻايل 2 اهلڪارن کي بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ

0
143

ڪنڌڪوٽ پوليس پاران اغوا ٿيل 2 اهلڪارن کي بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي

پوليس جو چوڻ آهي ته دراني مهر جي ڪچي واري علائقي ۾ آپريشن دوران ٻنهي مغوي اهلڪارن کي بازياب ڪرايو ويو

پوليس اهلڪار سجاد جکراڻي ۽ عبدالغفار وسطڙو کي 2 ڏينهن اڳ اغوا ڪيو ويو هو، ٻنهي مغوي اهلڪارن جي ڌاڙيلن پاران وڊيو به جاري ڪئي وئي هئي

ڌاڙيلن مغوين ذريعي پنهنجي گرفتار ڪيل هڪ جوابدار جي آزاديءَ جو مطالبو ڪيو هو