ڪنڌڪوٽ (رپورٽر) ڪنڌڪوٽ ويجهو پوليس پاران اغوا ٿيل نلڪن جي ٻن مسترين کي مقابلي ۾ بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ، راڄوڻي ڪوششن وسيلي بازيابي جا چوٻول، ڌاڙيلن جو ٽئين مغوي جي بازيابي لاءِ وارثن کي فون، 40 لک ڀنگ طلب، مغوي وارثن سان ڳالهائيندي روئي ويٺو، خبر موجب دراني مهر جي ڪچي واري علائقي ۾ پوليس ٻن مغوين کي بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. پوليس موجب ڪنڌڪوٽ شهر مان اغوا ٿي ويل نلڪن جي ٻن مسترين نصرالله ميراڻي ۽ محمد ميراڻي کي آپريشن دوران بازياب ڪرايو ويو، پوليس موجب ڏوهارين پوليس آپريشن سبب مغوين کي ڇڏيو آهي، پوليس موجب ٻئي مغوي ڏوهاري جيئند جاگيراڻي گينگ وٽ هئا. هوڏانهن علائقي ۾ چوٻول آهن ته ٻنهي مغوين جي بازيابي راڄوڻي ڪوششن وسيلي عمل ۾ آئي آهي. ٻئي پاسي ڌاڙيلن مغوي عبدالسبحان بجاراڻي جي وارثن کي فون ڪري سندس آزادي عيوض 40 لک ڀنگ طلب ڪيو آهي، وارثن موجب ڌاڙيلن مغوي سان فون تي ڳالهه ٻولهه پڻ ڪرائي، جنهن ۾ نوجوان روئيندي چيو ته ڌاڙيلن کي ڀنگ جي رقم ڏني وڃي ٻي صورت ۾ هو کيس قتل ڪري ڇڏيندا. وارثن جو چوڻ آهي ته هو انتهائي مسڪين آهن، کين ڀنگ جي رقم نٿا ڏئي سگهن. هنن اختيارين کي اپيل ڪئي ته سندن نوجوان کي بازياب ڪرايو وڃي.