ڪنڌڪوٽ: ارڙي سبب 2 معصوم ٻارڙيون فوت

0
255

ڪنڌڪوٽ (ن پ ا) ڪنڌڪوٽ جي مختلف علائقن ۾ ارڙي وبائي صورت اختيار ڪري ورتي جنهن ۾ 2 ٻارڙيون فوت ٿي ويون آهن، جهولي لال پمپ ويجهو 2 ٻارڙيون حفصا ۽ آصفا ارڙي وگهي فوت ٿي ويون، ٻارڙين جي وارثن جو چوڻ آهي ته هتي صحت جون ڪي به سهولتون نه آهن، شڪايتون ڪرڻ باوجود صحت کاتي ٽيم نه موڪلي، ٻئي پاسي ڊي ايڇ او جو چوڻ آهي ته ارڙي تي ضابطو آڻڻ لاءِ ضلعي اندر ٽيمون مختلف ڳوٺن ۾ ويل آهن، ضلعي اندر ارڙي کان بچاءُ لاءِ هنگامي بنيادن تي ويڪسين ڪري رهيا آهيون.