ڪنڌرا (ن پ ا) ڪنڌرا جي محلي طوطاپور ۾ ملڪيت جي معاملي تان پيءَ ۽ پٽن ۾ جهيڙو ٿي پيو، جنهن دوران پٽن آصف، رئيس، انيس ۽ قيصر نفيس پنهنجي پيءَ اڪبر علي کي تي حملو ڪري لٺيون ۽ سروٽا هڻي رتورت ڪري ڇڏيو، واقعي خلاف ڪنڌرا ٿاڻي تي جوابدارن خلاف اين سي داخل ڪئي وئي آهي، جڏهن ته زخمي پيرسن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.