ڪنڌرا (ن پ ا) ڪنڌرا ۾ بااثر ۽ هندو پنچائت جي اڳوڻي مکي وچ ۾ واٽر ڪورس جي پراڻي معاملي تان جهيڙو، مکي نامو مل زخمي، ٻنهي ڌرين پاران هڪ ٻئي مٿان اڳرائيءَ جو الزام.  ان سلسلي ۾ اڳوڻي مکي نامو مل ميڊيا نمائندن کي ٻڌايو ته گذريل رات حبدارا شاهه منهنجي دڪي تي اچي حملو ڪري مون کي زخمي ڪيو. ٽائون ڪاميٽي جي اڳوڻي وائيس چيئرمين ڪنعيو عرف ڀٽو مل جو چوڻ هو ته ڪنڌرا پوليس حملي ۾ ملوث جوابدارن کي ٿاڻي ۾ مهمان ڪري ڪرسين تي ويهاريو آهي. جيڪڏهن جوابدار گرفتار نه ٿيا ته شهر ۾ شٽربند هڙتال ڪئي ويندي. هوڏانهن حملي جي الزام هيٺ آيل حبدار شاهه صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته سندس زمين مان واٽر ڪورس غيرقاني ڪڍيل آھي، جنهن جو فيصلو پڻ ٿي چڪو آهي پر مکي نامون مل جي ڌر فيصلي تي عمل ڪرڻ لاءِ تيار ناهي. هوڏانهن ڪنڌرا ٿاڻي جي وڏي مشي اسلم ڪورائي ٻڌايو ته معاملي جي جاچ ڪئي پئي وڃي. آخري اطلاعن تائين جهيڙي جو ڪيس داخل نه ٿيو هو، نه وري ڪا گرفتاري عمل ۾ اچي سگهي هئي.