ڪنڌرا (ن پ ا) ڪنڌرا ويجهو يونين ڪائونسل اڪبر پور تي پ پ اميدوار عبدالرؤف ڪٽپر بنا مقابلي چيئرمين طور ڪامياب، سندس مقابلي ۾ بيٺل جي ڊي اي ۽ شيخ گروپ جو گڏيل اميدوار مبارڪ ڪلھوڙو ھٿ کڻي ويو. پ پ اميدوار جي ڪاميابي رولڙي ۾ پئجي وئي. ان سلسلي ۾ پيپلز پارٽيءَ جي اڳواڻ ٻڊل چنا پنھنجي اخبار کي ٻڌايو ته صرف چيئرمين جي اميدوار مبارڪ ڪلھوڙو ھٿ کنيو آھي، جڏھن ته وائيس چيئرمين عبدالوحيد جويو ۽ ڪائونسلرن ھٿ ناھي کنيو.