ڪنڌرا (ن پ ا) ڪنڌرا مان مبينا طور اغوا ٿيل نوجوان بازياب نه ٿي سگهيو، ٻي طرف ايس ايس پي سکر سنگھار ملڪ ڪنڌرا ٿاڻي تي پھچي ويو، جتي ھن اغوا ٿي ويل نوجوان ساحل مل جي والد سيلاب ڪمار ۽ ٻين ھندو پئچائت جي اڳواڻن سان ملاقات ڪئي،  جڏهن ته ايس پي سکر مغوي جي وارثن سان ملاقات کان اڳ ٿاڻي تي پوليس اهلڪارن سان اجلاس پڻ ڪيو، ان موقعي تي صحافين کي پري رکيو ويو.بعد ۾ ايس ايس پي ڳالهائيندي چيو ته آءُ هندو  ڪميونٽي سان  ڏک گھڙي ۾ گڏ آھيان، آئون ھاڻي کان ئي 24 ڪلاڪ تائين ڪنڌرا ٿاڻي تي موجود رھندس ۽ شڪ جي بنياد تي ڪجھه ماڻھن کي گرفتار ڪيو ويو آهي. ٿورڙي وقت ۾  ڪاميابي ملڻ جو امڪان   آهي.